استنبول-22 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وف??قي وزير محسن نقوي استنبول ۾ عالمي ايڪسپو ۾ شرڪت ڪئي. وف??قي وزير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ انٽرنيشنل ايڪسپو 2024ع جو افتتاح ڪيو. عالمي ايڪسپو پهچڻ تي ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وف??قي وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. وف??قي وزير چيف آف دي ترڪش جنرل اسٽاف ميٽن گورڪ سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير، جنرل ميٽن گورڪ کي عالمي ايڪسپو جو بندوبست ڪرڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جنرل ميٽن گورڪ انٽرنيشنل ايسڪپو ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي تي وف??قي وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. وف??قي وزير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ ايڪسپو جو دؤرو ڪيو. گهرو وزير ايڪسپو ۾ لڳايل پاڪس??ان آرڊيننس فيڪٽريز جي اسٽال جو پڻ معائنو ڪيو ۽ پاڪستاني اسٽال سنڀاليندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ ايسڪپو ۾ رکيل پاڪستاني اوزارن جي تعريف ڪئي. گهرو وزير ايڪسپو ۾ رکيل جديد اوزارن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايڪسپو ۾ جديد مشينري ۽ اوزار ڏسي مون کي خوشي ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”انٽرنيشنل ايڪسپو 2024ع“ دوست ملڪن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ترڪيه ۾ پاڪس??ان جي سفير يوسف جنيد ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان کان اڳ وف??قي وزير اهم دؤري تي ترڪيه پهتو ته استنبول ايئرپورٽ تي پاڪس??ان جي سفير، ترڪيه جي گهرو وزارت جي ڊي جي مهمت عليدي ۽ اعليٰ عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. وف??قي ترڪيه ڪابينه جي وزيرن ۽ مرڪزي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. گهرو وزير چيو ته ترڪيه جي دؤري دوران گڏيل سهڪار کي مضبوط بنيادن تي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. بارڊر مئنجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي ترڪيه جي وزيرن ۽ ليڊرشپ سان ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪيه وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه هميشه پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته دؤري جو مق??د پاڪ- ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.
وفاقي وزير محسن نقوي جي استنبول ۾ عالمي ايڪسپو ۾ شرڪت، ترڪش چيف آف دي جنرل اسٽاف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی