بڊاپسٽ- 13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – ??ورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگ??يش?? آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ سربراهن ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، غير قانوني مائيگ??يش?? ۽ انساني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي ملاقاتون هنگري جي دوري دوران بڊاپسٽ پراسس جي ستين وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيون. ملاقات ڪندڙن ۾ سوئٽزرلينڊ جو مائيگ??يش?? وارو وزير ڪرسٽين شرنربورنر ۽ يورپي يونين جي مائيگ??يش?? ۽ گهرو معاملن جو سربراهه جوهانس لچنر، انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگ??يش?? پاليسي ڊولپمينٽ جو سربراهه مائيڪل اسپينڊ ليگر شامل هئا. گهرو وزير محسن نقوي غير قانوني مائيگ??يش?? جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انساني اسمگلنگ گهڻ رخي چئلينج بڻجي چڪو آهي. انٽرنيشنل مافياز جي ڳٺ جوڙ سان ڪو به ملڪ اڪيلو نٿو منهن ڏئي سگهي. عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالميگريت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته غير قانوني مائيگ??يش?? ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ يورپي يونين ۽ مائيگ??يش?? پاليسي ڊولپمينٽ جي تعاون جي آجيان ڪندا. اڄ اسان پائيدار قدم کڻي نئين نسلن لاءِ بهتر مستقبل ڇڏي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ گڏيل وفدن جي مٽاسٽا ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻو پوندو. لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جي خصوصي تربيت لاءِ سوئٽزرلينڊ – ??ورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگ??يش?? پاليسي ڊولپمينٽ جو تعاون ضروري آهي. ٽنهي وفدن گهرو وفاقي وزير محسن نقوي کي گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير آصف حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل سفارتڪار به موجود هئا.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ سربراهن جون ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس