اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پارليامينٽ جي ڪنهن به ايوان لاءِ ڪنهن به اميدوار جي ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ حاصل ڪرڻ تي چونڊن کي ??العدم قرار ڏيڻ جي آئيني ??رخ??است کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ??رخ??است جي ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس امين الدين خان جي اڳواڻيءَ ۾ آئيني بينچ ڪئي ۽ ??رخ??استگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي ان کي خارج ڪيو ويو. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل هئا. عدالت ??رخ??استگذر محمد اڪرم ??ان ??رخ??است جي باري ۾ آئيني بنيادن تي سوال ڪيا ۽ واضح ڪيو ته موجوده نظام ڪنهن به اميدوار کي وڌ کان وڌ ووٽ حاصل ڪرڻ جي بنياد تي فاتح قرار ڏنو آهي، چاهي اهي 50 سيڪڙو تائين هجن يا نه. جسٽس محمدعلي مظهر پُڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي ڪنهن آرٽيڪل تحت ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ حاصل ڪندڙ اميدوار کي ناڪام قرار ڏئ?? سگهي ٿي. جسٽس عائشه ملڪ به پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن وڌ کان وڌ پر 50 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ کڻندڙ اميدوار کي ??امياب قرار ڏنو ويو ته آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل جي خلاف ورزي هوندي؟ معزز عدالت قرار ڏنو ته موجوده نظام قانوني آهي ۽ جيڪڏهن ??رخ??استگذار قانون ۾ تبديلي چاهي ٿو ته ان کي نئين قانونسازيءَ لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪرڻ گهرجي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته هر شهريءَ کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي پر ??پريم ڪورٽ اهل ووٽرز کي پولنگ ۾ حصو وٺڻ تي مجبور نٿي ڪر?? سگهي. ان موقعي تي جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇاڻو ڪيو ته ??رخ??استگذار گذريل عام چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ نه وِجهڻ جو اعتراف ڪيو آهي. عدالت غير ضروري قانوني چاره جوئي سان عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي ??رخ??استگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
پارليامينٽ جي ڪنهن به ايوان لاءِ ڪنهن اميدوار جي ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ حاصل ڪرڻ تي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي آئيني درخواست رد
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis