اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران پنهنجي ويجهي حصيدارن ۽ دوستن سان مضبوط رابطن جي پاليسي جاري رکي، پاڪستان چين، ترڪيه، سعودي عرب ۽ وسيع تر اسلامي دنيا سان پنهنجي روايتي حصيداري کي مضبوط ڪيو، اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ دوستي تي ٻڌل آهن ۽ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ ٻطرفن دورن جي مٽاسٽا جي روايت جي خصوصيت رکن ٿا. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال 2024ع پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ روايتي گرمجوشي ۽ ??عل??ٰ سطح جي مٽاسٽا جو عڪاس رهيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جون ۾ چين جو سرڪاري دورو ڪيو جڏهن ته چين جي وزيراعظم لي ڪيان ??ڪٽوبر ۾ پاڪستان ??و دورو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مئي 2024?? ۾ ??يجنگ ۾ پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جو پنجون اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ پڻ منعقد ڪيو، انهن ??عل??ٰ سطحي دورن ۽ مٽاسٽا جي دوران ٻنهي ملڪن پاڪ چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ۽ وڌائڻ ۽ سي پيڪ تي خاص ڌيان ??ان گڏ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ عملي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي وسيع اتفاق راءِ طئي ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي ملڪن جي وچ ۾ ??عل??ٰ سطحي رابطن جي مضبوط مٽاسٽا ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جا چار سرڪاري دورا ڪيا جنهن سان ??سان ??ي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري وڌيڪ مستحڪم ٿي، سعودي عرب سان ??ياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اهم مفاهمتون طئي ٿيون جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ شهزاده محمد بن سلمان ??ي وچ ۾ طئي ٿيندڙ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پئڪيج جي ڪمٽمينٽ کي تيز ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا به ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان ??سان ??ي ٻطرفي مصروفيتن جو هڪ اهم مرڪز رهيا آهن. ترجمان چيو ته انهن ملڪن سان ??وانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي.
پاڪستان هلندڙ سال دوران پنهنجي ويجهي حصيدارن ۽ دوستن سان مضبوط رابطن جي پاليسي جاري رکي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena