اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سا?? پاپوليشن ڪائونسل جي ??در ڊاڪٽر را??ا حاجيه جي ??ڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر زيبا ستار ۽ ناڻي واري وزارت جا سينيئر عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ، آبادياتي تبديلين ۽ ان جا پاڪستان جي ??رقي ۽ معيشت تي اثرن بابت ڳال??ه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ جي پاڪستان جي ??رقياتي هدفن تي پوندڙ چئلينجز تي روشني وڌي. هن زور ڀريو ته آباديءَ جي ??جحانن کي سمجهڻ ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مُدي وار?? پائيدار ۽ شاهدين تي ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ??رورت آهي. ناڻي واري وزير صحت، تعليم، روزگار، شهري ترقي ۽ ماحوليات جهڙن اهم شعبن ۾ ان آبادياتي سببن کي شامل ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن سماجي، معاشي، ترقي جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻي سگهجي. ڊاڪٽر را??ا حاجيه ۽ ڊاڪٽر زيبا ستار پاپوليشن ڪائونسل جي موجوده تحقيق ۽ قدمن جي ??اري ۾ آگاهه ڪيو جيڪي ان مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن. وفد پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ جي هدفن سان هم آهنگ، جامع ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل پاليسيءَ جي ??وڙجڪ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي ??زم کي ورجايو. هيءَ ملاقات پاپوليشن ڪائونسل ۽ ناڻي واري وزارت وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي مستقبل تي آباديءَ ۾ واڌ جي ??ثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهم آهي.
وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاپوليشن ڪائونسل جي صدر جي اڳواڻيءَ ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی