اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي معيار موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ فراهم ڪيل سه??لت?? جو جائزو ورتو. ان دوران تربيت هيٺ آفيسرن س??ن ملاقات ڪئي ۽ سندن سه??لت?? جي حوالي سان پُڇا ڪئي. گهرو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي معيار جي ڪنسلٽنٽ جي خدمت حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي جي حوالي ڪيا ويندا ته ج??ئن مالي طور تي خودمختار ادارو بڻائي ??گهجي. هن اها به هدايت ڪئي ??ه نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين س?? جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دوران محسن نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اي ايس پيز جي ڪورسز کي جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربيتي ڪورسز کي جاري ڪيو ويندو. گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ??ه ج??ئن آفيسرن کي عملي تربيت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي سربراهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اداري کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ ضروري آهي ته ج??ئن ٻين ملڪن جا آفيسر به هتي تربيت لاءِ اچي سگهن.
وفاقي گهرو وزير پاران نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دؤرو، اپ گريڊيشن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات