مونٽريال-08 نومبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي ۽ ان قدم کي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي آمريڪي حمايت جي خلاف احتجاج قرار ڏنو آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي ر??ورٽ موجب سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ روپي ڪور چيو ته هو اهڙي اداري طرفان ڪنهن به دعوت کي رد ڪري ٿي جيڪو شهرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن ڏکڻ ايشيا جي ر??واسين کي به اپيل ڪئي ته هو غزه ۾ هزارين شهرين جي قتل جي حمايت تي آمريڪي حڪومت کي جوابده بڻائين. روپي ڪور وڌيڪ چيو ته کيس صدر ج??با??يڊن جي انتظاميه طرفان وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جو ڏڻ جنهن کي هندو روشنين جو تهوار چوندا آهن ۽ جيڪو ڪوڙ تي سچ ۽ جهالت تي علم جي فتح جو جشن آهي، ملهائڻ ڪيئن قابل قبول آهي. هن آمريڪي حڪومت تي فلسطينين خلاف ??سل ڪشي جو جواز پيش ڪرڻ جو الزام لڳايو، هن صدر ج??با??يڊن جي انساني بنيادن تي جنگ بندي جي حمايت ڪرڻ کان انڪار تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته گڏيل قومن طرفان غزه ۾ جنگ بندي جي حمايت باوجود آمريڪا ان جنگ بندي جي مخالفت ڪئي آهي. وائيٽ هائوس ۾ منعقد ٿيندڙ ديوالي جي ان تقريب جي ميزباني آمريڪا جي ڀارتي ڄائي نائب صدر ڪملاهيرس ڪري ر??ي آهي جنهن اڃان تائين روپي ڪور جي انهن رمارڪس تي ڪو به تص??رو ناهي ڪيو.
اسرائيل جي حمايت خلاف احتجاج، ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II