برسلز-18 جنوري (اي پي پي) يورپي پارلياماني نمائندن اسرائيل تي فسلطينين جي نسل ڪشي جو الزام لڳائيندڙ ملڪ ڏکڻ آفريقا جي حمايت جو مطالبو ڪيو آه??. ٽي آر ٽي موجب يورپي پارليامينٽ جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه جي حوالي سان خصوصي ويهڪ دوران يورپي يونين سان ڏکڻ آفريقا طرفان انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف داخل ڪيل نسلي ڪشي جي ڪيس جي حمايت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. آئرش پارلياماني ميمبر ڪليئر ڊيلي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسرائيلي حڪومت کي غزه ۾ هزارين شهرين کي شهيد ڪرڻ ۽ مسلسل بمباري باوجود اسرائيلي عوام آڏو ناڪامي ٿي آه?? ۽ هن علائقي جهڙپن لاءِ چڙ ڏياريندڙ قدمن جو سهارو ورتو آه??. هن چيو ته يورپي عوام فلسطين ۽ ڏکڻ آفريقا سان گڏ بيٺل آه??. گرين گروپ جي ميمبر سياران ڪوفي به ان ڳالهه تي زور ڀريو آه?? ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس حڪومت کي عالمي قانون جي خلاف ورزين جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. فن لينڊ جي ميمبر چيو ته يورپي يونين کي ڏکڻ آفريقا طرفان عدالت ۾ داخل ڪيس جي حمايت ڪرڻ گهرجي. فرانس جي ميمبر به چيو ته اسان کي ڏکڻ آفريقا جي حمايت ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آه??. اسان کي اسرائيل سان حصيداري جي م??اهدي کي به معطل ڪرڻ گهرجي ۽ اسرائيل کي پنهنجي هٿيارن جي روانگي واپار کي روڪڻ گهرجي. اسان کي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل علائقي جهڙپن لاءِ چڙ ڏياريندڙ قدمن جو سهارو ورتو، يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي اسرائيل خلاف ڏکڻ آفريقا جي ڪوششن جي حمايت
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo