گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ??بليو اي) تي پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته عالمي ذميوارين جي پابندي ڪري . پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ??بليو اي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري حيثيت جو احترام ڪري. عالمي اداري چيو ته سمورين ڌرين ??ي گهرجي ته اهي يو اين آر دبليو اي کي ان جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ڇو ته اها رليف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انساني بنيادن تي ڪم جي حوالي سان ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪو به ٻيو ادارو انسان?? ب??يادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ يو اين آر ??بليو اي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . يو اين آر ??بليو اي جو پناهگيرن جي مدد لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي اهليت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري ج?? امداد زندگين کي بچائيندڙ آهي . واضح رهي ته يو اين آر ??بليو غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بي گهر فلسطينين جي انساني بنيادن ت?? امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر