گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ موجود تحريڪ طالبان پاڪستان ??ي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خ??رو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم افغانستان جي صورتحال تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ داعش جي خاتمي کانپوءِ ننڍا دهشتگرد گروپ ٽي ٽي پي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا جيڪي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خ??رو آهن، هن چيو ته جيستائين ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروهن ??و خاتمو نٿو ڪيو وڃي اهي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۽ امڪاني طور تي عالمي برادري لاءِ سدائين خطرو بڻيل رهندا. هن چيو ته ٽي ٽي پي پاڪستاني فوجي چوڪين ۽ پاڪستان جي اندر شهري هدفن تي س??حد پار کان دهشتگرد حملن جي ذميوار آهي. نالي وٺڻ کانسواءِ ڀارت طرف اشارو ڪندي هن چيو ته خطي ۾ حالتن کي خراب ڪندڙ ملڪن طرفان ٽي ٽي پي جي س??پرستي س??ن انهن ??دشن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ??فغانستان جي طالبان حڪومت جي داعش خراسان ۽ داعش جي دهشتگردن خلاف جنگ ۾ ڪجهه حد تائين حاصل ٿيل ڪاميابي جي باري ۾ ڳالهه ڪئي ۽ کين بي اثر ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ سهڪار جي عزم جي تصديق ڪئي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جا دهشتگردن طرفان پرڏيهي فوج جا ڇڏيل جديد فوجي س??ز ۽ سامان حاصل ڪرڻ ۽ استعمال سبب سرحدي حملا وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويا آهن، هن چيو ته پاڪستان اندر ٽي ٽي پي حملن ۾ وڌيڪ افغان شهري شامل آهن. منير اڪرم چيو ته افغان حڪومت افغانستان لاءِ پاڪستان جي خصوصي ايلچي آصف دراني کي انهن ??ملن ۾ ملوث ??ي ٽي پي عنصرن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي. ان ??انسواءِ پاڪستان مان ??الر جي افغانستان اسمگلنگ جي پاڪستان جي معيشت ۽ پاڪستاني ڪرنسي جي قدر تي تباهي آڻيندڙ اثر پيا آهن ??نهن هوندي به موجوده حڪومت طرفان ??رنسي جي اسمگلنگ خلاف موثر ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ صورتحال مستحڪم ٿي آهي. هن ??ور ڀريو ته افغان بئنڪنگ سسٽم کي بحال ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين ملڪ رکيل افغانستان جا قومي اثاثا آجا ڪرايا وڃن ۽ کين افغانستان ??ي واپس ڪيو وڃي ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ افغانستان جي مالي امداد بحال ڪئي وڃي، هن چيو ته اسان پاڪستان، افغانستان، وچ ايشيا سان ??ڏوگڏ پاڪستان – چين ۽ افغانستان وچ ۾ علائقائي رابطن جي منصوبن جي جلد لاڳو ڪرڻ جا منتظر آهيون.
ٽي ٽي پي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، افغانستان جا پرڏيهه ۾ پيل اثاثا آجا ڪرايا وڃن: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب