گڏيل قومون-02 جنوري (اي پي پي) نئين سال جي شروعات تي مظلوم فلسطينين خلاف اسرائ??لي جارحيت رڪجي نه سگهجي، سڄي دنيا ۾ نئين سال جا جشن رهيا جڏهن ته فلسطيني جنگبندي جي دعائن لاءِ مصروف رهيا. مقامي صحت کاتي جي عملدارن مطابق 24 ڪلاڪن دوران اسرائ??لي بمباري سبب گهٽ ۾ گهٽ 100 فلسطيني شهيد ۽ 286 کان وڌيڪ ز??مي ٿيا آهن. نئين سال جي شروعات تي فلسطيني پنهنجن پيارن جا لاش کڻڻ ۽ زخمين کي ط??ي مرڪزن ۾ وٺي وڃڻ ۾ مصروف رهيا. هلال احمر طرفان پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ وچ غزه ۾ حملن کان پوءِ افراتفري کي ڏيکاريو ويو آهي جتي امدادي ڪارڪن رات جي اونداهيءَ ۾ باهه جي ڍير مان هڪ ز??مي ٻار کي ڪڍڻ ۾ مصروف هئا. غزه جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان وٽ رهڻ لاءِ ڪا جاءِ ناهي، اسان جهازن ۽ ڊرونز جي آوازن جو خاتمو چاهيون ٿا. هوڏانهن اسرائ??لي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو غزه ۽ مصر وچ ۾ پوري سرحدي علائقي جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته غزه ۾ جنگ جي پڄاڻي تمام پري آهي.
سڄي دنيا ۾ نئين سال جا جشن، فلسطيني جنگبندي جي دعائن لاءِ مصروف رهيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری