يوڪاهاما – 07 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جاپاني ڪمپنين تي زور ڀريو آهي ته اهي پاڪستان ۾ اقتصادي موقعن مان فائدو کڻن، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ جاپاني ڪمپنيون شاندار منافعي ۾ هلي رهيون آهن. هو جاپان جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير تارو آسبو سان ملاقات دوران ڳاله??ئي رهيو هو جنهن ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز جي 50 هين سالياني اج??اس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان جاپاني هم منصب کي آگاهه ڪندي اسحاق ڊار دنيا کي وڏي پيشيواراڻي سروسز فراهم ڪندڙ فرم پي ڊبليو سي پاران تازو ئي جاري ڪيل رپورٽ ??و حو??لو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان 2030ع تائين جي 20 جو ميمبر هوندو، جاپان جي ڊپٽي وزيراعظم پاڪستان ۾ حڪمران پارٽي جي ا??تصادي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل شعبي سميت ٻين شعبن ۾ جاپاني ۽ عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا آهن.
جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ اقتصادي موقعن مان فائدو کڻن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری