اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 24 هزار ارب رپين جي قرض جي جاچ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ۽ اعليٰ اختياراتي ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڀلي منهنجي حياتي هل?? وڃي پر آئون چورن کي نه ڇڏيندس ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن کي اين آر او نه ڏيندس، بجيٽ نئين پاڪستان جي عڪاسي ڪندي، الله جي مهرباني آهي جو هتي وڏا وڏا برج لڏي ويا آهن جيڪي چوندا هئا ته نيب جي ڪهڙي مجال آهي ۽ انهن جي لاءِ قانون ڪجهه به نه هو، آصف زرداري، نواز شريف ۽ ٻين جي خلاف ڪيس اسان ??اهن ٺاهيا پر انهن هڪ ٻئي جي خلاف ٺاهيا، جمهوريت واقعي به??ري?? انتقام آهي جيڪو هنن عوام کان ??رتو آهي، هنن مون کي پهرين ڏينهن کان ئي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ ناهي ڏنو، جڏهن به وڃان ??و گوڙ ڪن ٿا. رات دير سان ??وم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چي?? ته هي بجيٽ نئين پاڪستان جي عڪاسي ڪندي، پاڪستان عظيم ملڪ بڻجندو.
وزيراعظم جو قوم کي خطاب، اعليٰ سطحي ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس