اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جمعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپ??ي چيئرمين جي اليڪشن حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ آزاد ميمبرن جي ڀرپور حمايت سان کٽيندي، پي ڊي ايم جهڙي طرح پهرئين مرحلي ۾ ناڪامين ۽ مايوسين جي ور چڙهي انهي طرح ٻيهر ٻڙي کان شروع ٿيندڙ تحريڪ به ناڪام رهندي، جيڪڏهن پي ڊي ايم لانگ مارچ قانون جي دائري ۾ هوندو ته انهن کي نه روڪينداسين، 22 ڪروڙ عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڪرپشن کي تحفظ نه پر ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ رستن تي ايندي آهي، مريم نواز جي بيان مان ثابت ٿي چڪو آهي ته هو اڄ جمعي تي ٿيندڙ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپ??ي چيئرمين جي اليڪشن هارائي چڪا آهن، وزيراعظم عمران خ??ن ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ پارٽي کي ٻيهر فعال ۽ منظم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، حڪومت جي ڪارڪردگي کي بهتر انداز اسان اجاگر ڪيو ويندو. هو وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف معاملن ۽ تجويزن تي غور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پارٽي جي عهديدارن کي هدايتون ڏنيون ته پارٽي کي هيٺين سطح تائين فعال ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ پارٽي جي ڪارڪنن کان روزاني جي بنياد تي ملاقاتون ڪيون وڃن. ان ??وا??ي سان پارٽي جي عهديدارن کي مختلف ذميداريون سونپيون ويون آهن. هن چيو ته پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومت ۽ صوبا ڊولپمينٽ ۽ معيشت جي شعبي ۾ ترقي، اداره جاتي سڌارن، وزارتن جي ڪارڪردگي کان قوم کي آگاهه ڪن ان ??وا??ي سان باقاعده حڪمت عملي جي ذريعي اڳتي وڌن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان اڄوڪي اليڪشن جي لاءِ بلڪل تيار، اتحادي پارٽين ۽ آزاد ميمبرن سان گڏجي چيئرمين ۽ ڊپ??ي چيئرمين سينيٽ جو اليڪشن کٽينداسين.
حڪومت سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن پنهنجي اتحادين ۽ آزاد ميمبرن جي حمايت سان کٽيندي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔