اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي اهو مسئلو آهي ته سندس ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي، فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست م ڪو ڪردار نه آهي، فضل الرحمان، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڳو ڪرپشن وڌائي سگهن ٿيون، ملڪ هلائڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن مولانا فضل الرحمان جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو ته فضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي ??وزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي ??لاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي ??هو صادق ۽ امين قرار ڏيندڙ وزيراعظم عمران خان جي ??لاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري سگهي ٿو، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي ??ڙ ۾ پنهنجي ??ياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. فرخ ??بيب چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ??دائيگي جي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، مولانا فضل الرحمان جيڪڏهن چونڊون کٽي وڃي ته صاف شفاف ۽ جيڪڏهن هارائي وڃي ته ڌانڌلي؟ فرخ ??بيب چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃڻ گهرجن. مملڪتي وزير چيو ته ان ڌانڌلي سٽيل نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سياست ۾ آيو آهي. هن چيو ته مولانا صاحب جيڪڏهن توهان ڌانڌلي کان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ته اي وي ايم طرف اچ??. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي ??ليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي ??نياد تي ان کان ٻيڻا ووٽ کڻنداسين. فرخ ??بيب چيو ته جيڪي هر حڪومت ۾ اقتدار جا مزا وٺندا رهيا، اُهي آر يا پار وارا بري طرح خوار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم جي نالي تي ذاتي مفادن جي ??حفظ جي لاءِ انتشار پکيڙيندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا اڳتي به ناڪام ٿيندا. مملڪتي وزير چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عوام ۾ توهان جي پذيرائي ٻُڙي اهي. فرخ ??بيب چيو ته مارچ جي ڌمڪي ڏيندڙ اڳ ۾ اهو ٻڌائين ته استعيفائون ڪٿي آهن؟ اهو کوکلو مارچ آهي، جنهن ۾ عوام جي ڪا نمائندگي نه هوندي.
مولانا فضل الرحمان جو ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار