ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آه?? پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آه??. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آه??، روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته پهرين ۽ ٻي عظيم جنگ ۾ لکين ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي اچ?? کانپوءِ ڪا به ??نگ دنيا جي بقاءَ لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهي ٿي. آءِ بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته ڳالهه ٻولهه جي رجحان جي فروغ لاءِ سندن ادارو ميونڪ جي نالي سان هر ت??ريب منعقد ڪري ٿو جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به ??اگرد حصو وٺن ٿا. آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر هما بقائي چيو ته ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي فوري حل سان ئي پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل