اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي، ته پاڪستان جون عدالتون آزاد آهن، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، عدالت قوم جي ڀلائي لاءِ جيڪو به فيصلو ڪندي ان جو احترام ڪنداسين، پي ڊي ايم وارا جيڏا??هن به ويندا ملڪ جي هر طبقي کي اسان جي فيصلي سان خوشي ٿ?? آهي، نوجوان طبقي کي اسان جي فيصلي کان تمام گهڻي خوشي ملي آهي، اپوزيشن جي سياست بٽڻ واري ٽيليفون جهڙي ٿ?? وئي آهي، ملڪ جو عوام سندن سازشن کي ناڪام بڻائيندو ته جيئن ايندڙ ڪو پرڏيهي سازش جو هٿيار بن??ڻ جي جرئت نه ڪري. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شبلي فراز چيو ته جيڪا ڪيفيت اپوزيشن پيدا ڪئي آهي، ان جو مقصد سازش کي اڳيان وڌائڻ آهي، اپوزيشن وارا ملڪي پرڏيهي پاليسي کي محڪوم رکڻ واري ايجنڊا کي هٿي وٺرائي رهيا آهن جن پاڪستان کي ڀڪاري چئي ڇڏيو آهي، اهي پاڪستان لاءِ اهل ئي ناهن. اهي ليڊر جن تي نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ ڪيس آهن اهي هن ملڪ جي عوام لاءِ اهل ئي ناهن. هڪ طرف هنن قوم کي ڀڪاري چيو ۽ ٻئي طرف سندن منشي جي اڪائونٽن ۾ به 4 ارب رپيا موجود آهن، ا??هن تي ڪرپشن جا وڏا وڏا ڪيس آهن. هنن ملڪ جي سياست کي تباهه ڪيو آهي ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪيو آهي. هنن سنڌ هائوس ۾ ج??هن روايت کي هٿي وٺرائي آهي اها سڀني جي سامهون آهي. مري، ڇانگلا، ڇانگا مانگا ڪلچر سڀني جي سامهون آهي. شبلي فراز چيو ته اسان کي نئين چونڊن ڏا??هن وڃڻو پوندو، اسان پهرين به عوام وٽ ويا آهيون ۽ هاڻي به ا??هن ڏا??هن وڃي رهيا آهيون. قوم ڄاڻي چڪي آهي ته پي ڊي ايم وارن جي ايجنڊا ڪهڙي هئي، هي ماڻهو اليڪشن کان ڇو ڀڄي رهيا آهن، عوام ڏا??هن اچن ۽ ميدان مقابلو ڪن، مقابلا ميدان ۾ ئي ٿ??ندا آهن. هن چيو ته هن ملڪ جو مستقبل عوام سان واڳيل آهي ۽ عوام اپوزيشن جي سازش کي ناڪام بڻائيندو. اسان عوام ڏا??هن وينداسين ۽ فتح حق جي ٿ??ندي. خط بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ شبلي فراز چيو ته اپوزيشن پارلياماني ڪميٽي ۾ ڇو ناهي آئي. اسان پارلياماني ڪميٽي ۾ خط ڏيکاريو. عليم خان بابت پڇيل هڪ سوال بابت هن چيو ته ج??هن طرح جون ڳالهيون عليم خان ڪيون ان تي افسوس ٿيو، آخري وقت تي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو جواز ئي ناهي.
پاڪستان جون عدالتون آزاد آهن، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، عدالت سڳوري جيڪو به فيصلو ڪندي ان جو احترام ڪنداسين: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر