اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جو?? تصويرون سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي تع??ير ۽ تخريب جو?? ٻه تصويرون ۽ ٻه ڪردار آهن، خادم پاڪستان عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي چين پاڪستان دوستي جي ڪروٽ منصوبي جي دوري تي آهي جڏهن ته چار سال معيشت کي تباهه ۽ عوام کي مهانگائي سان روئاريندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر تي آهي. هن چيو ته هڪ طرف تع??ير ۽ ترقي جي رفتار جي اها ئي جهلڪ آهي جيڪا 2013ع کان 2018ع تائين رهي ته ٻئي طرف ڊي چوڪ جي ڌرڻي ??ار?? ٻيهر فساد مارچ جي سفر تي آهي، اهو آهي پاڪستان ۽ عوام جي خادمن ۽ ف??ني فساد پکيڙيندڙن ۾ واضح فرق.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات