انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ترڪي جي واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو هو، وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران صد?? رجب طيب اردوان سا?? نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صد?? اردوان وزيراعظم شهباز شريف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سا?? مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سا??گرهه شاندار طريقي سا?? ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ترڪ صد?? جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم صد?? طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني، دوري دوران وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سا?? به ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعظم سا?? ترڪ پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار واري وزير سا?? ملاقاتون به ڪيون.
وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena