اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت ب??تس??ان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن جي تيز ترين ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت ب??تس??ان اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران صدر چيو ته هڪ سٺي حڪومت جي اها سڃاڻپ آهي ته اها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون پاڪستان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، اس??ن ۾ هر لحاظ کان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر چيو ته گلگت ب??تس????ن ۾ سياحت ۽ ٻئي ميد??ن ۾ وسيلن جي ڀيٽ ۾ هنرمند ماڻهن جي کوٽ آهي. ان لاءِ انهن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ هنرمند ماڻهن جي ضرورت پوندي. ب??تس??ان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت صدر چيو ته علائقي ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انتهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصيت جي مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ گلگت ب??تس??ان جي ٻين ضلعن ۾ به ميمبرن جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ ب??تس??ان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. صدر گلگت ب??تس??ان جي ترقي جي لاءِ ضروري وسيلن جي فرا??مي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگت ب??تس??ان جو وڏو وزير ۽ گلگت ب??تس??ان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر پڻ موجود هئا.
گلگت بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری