اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي موسمياتي تب??يل??ن جي حوالي سان دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ان ئ?? رفتار سان اسان وڌيڪ انساني حياتيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش اپيل جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آهي اها دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. موسمياتي تب??يل??ن جي تمام وڏي قيمت پاڪستان کي ادا ڪرڻي پئي جڏهن ته ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، جڏهن ته انهن تب??يل??ن سبب متاثر ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان شامل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماحولياتي تب??يل??ن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي فنڊ ۾ پاڪستان کي ان جو حصو ڏنو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۾ هن سال جون کان وٺي سيپٽمبر تائي?? لڳاتار برساتون پيون ۽ اها هڪ غيرمعمولي صورتحال هئي. روائتي طور پاڪستان ۾ درياهن ۾ چاڙهه جي ڪري ٻوڏ ايندي رهندي آهي جڏهن ته هن ڀيري اها تباهي غيرمعمولي برساتن جي صورت ۾ آسمان مان نازل ٿي، ڪجهه علائقن ۾ لڳاتار برسات پوندي رهي جنهن ڪري ملڪ ۾ رستن، ريلوي ٽريڪس ۽ بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هڪ اندازي مطابق ج?? علائقن ۾ 50 سيڪڙووڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اتي 700 کان وٺي 1700 سيڪڙو تائين وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته لڳاتار برساتن جي ڪري انتظاميه هيليڪاپٽرن ذريعي به امداد نه پهچائي سگهي. هن وقت به ڪيترن ئ?? علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جيئن ئ?? پاڻي گهٽجندو انهن علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جون سرگرميون شروع ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم هڪ يا ٻن مهينن ۾ نه پر ان ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳي سگهي ٿو. پاڪستان گڏيل قومن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن نقصان جي شدت جو اندازو لڳايو آهي. پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.
پاڪستان کي عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ان ئي رفتار سان اسان وڌيڪ انساني زندگيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين: وفاقي وزير سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل