اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ري??يليئنٽ پاڪستان عالمي ڪانفرنس 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ٿيندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪانفرنس جي گڏيل طور تي ميزباني ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب عالمي ڪانفرنس تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ موسمياتي لحاظ کان هڪ لچڪدار ۽ بهتر انداز ۾ نئين سر تعمير ج?? لاءِ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ج?? لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي جهڙي نموني ملڪ ري??ڪيو ۽ ريليف جي مرحلي مان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اهم ڪم طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان ان ڪانفرنس ۾ ري??يليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (4 آر ايف) پيش ڪندو جيڪو ان فريم ورڪ ک?? لاڳو ڪرڻ ج?? لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جو خواهشمند آهي. ان ۾ کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان گڏ ان ک?? لاڳو ڪرڻ ج?? لاءِ مالياتي طريقيڪار ۽ اداراجاتي انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي پروگرام ۾ هڪ اعليٰ سطحي افتتاحي سيشن شامل هوندو جنهن جي سربراهي وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري ڪندا، ان کانپوءِ 4 آر ايف دستاويز جو باضابطا افتتاح ٿيندو ۽ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ٿيندا. وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم پاڪستان ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ ملڪ کي وڌيڪ متحرڪ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي ماڊل طرف منتقل ڪرڻ ج?? لاءِ پاڪستان جي ويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پاڪستان جا وفاقي وزير فريم ورڪ دستاويز جي وضاحت ڪندا ۽ موسمياتي لچڪ ۽ موافقت ج?? لاءِ پاڪستان جو ڊگهي مدي وارو منصوبو پڻ پيش ڪندا. ان کانسواءِ چئني صوبن جو موقف لاڳاپيل صوبائي نمائندا بيان ڪندا. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه، وزير ۽ ڪي??رن ئي ملڪ جا اعليٰ سطحي نمائندا ۽ عالمي مالياتي ادارن، فائونڊيشنز ۽ فنڊز سان گڏوگڏ عالمي ترقياتي تنظيمون، نجي شعبا، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين جي اوز جا نمائندا شرڪت ڪندا. اها ڪانفرنس 4 آر ايف دستاويز جي بنياد تي پاڪستان جي دوستن ۽ ترقياتي حصيدارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي عوام سان عالمي يڪجهتي جي اظهار طور ڪم ڪندي.
ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان عالمي ڪانفرنس 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ٿيندي، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل ميزباني ڪندا: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : apostas quina