اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي معلومات ويب سائيٽ وڪي پيڊيا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪ??دي اعتراض جوڳو مواد هٽائڻ جي لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي صحيحن سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بيان موج?? وزيراعظم اهو فيصلو ٽن رڪني وزارتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪيو. ٽي رڪني ڪميٽي قانون ۽ انصاف، معاشي ۽ سياسي معاملن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن تي ٻڌل هئي. وزارتي ڪميٽي اجلاس منعقد ڪيو ۽ معاملي جو جائزو وٺ??دي چيو ته وڪي پيڊيا مفيد معلوماتي ويب سائيٽ آهي، شاگرد، محققين ۽ معاشري جا ٻيا طبقا ان مان فائدو کڻن ٿا، پوري ويب سائيٽ بند ڪرڻ مناسب نه آهي، اعتراض جوڳي مواد کي هٽائڻ جا قدم کنيا وڃن. بيان موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو، قانون ۽ انصاف، اطلاعات ۽ نشريات، ڪامرس ۽ ڪميونيڪشن جا وفاقي وزير ڪميٽي جي ٻي?? ميمبرن ۾ شامل آهن. ضرورت موجب ڪنهن ٻاهر کي ڪميٽي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڪميٽي هڪ هفتي ۾ وفاقي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي وڪي پيڊيا ??ائ??ن پهچ مڪمل بند ڪرڻ جي قدم جو جائزو وٺندي. ڪميٽي قدم تجويز ڪ??دي ته اعتراض جوڳي مواد تي پاب??دي ۽ ان ??ائ??ن پهچ کي روڪي سگهجي. ڪميٽي مذهبي طور تي حساس، مقدس ۽ اسان جي ڪلچر جي منافي مواد تي پاب??دي جي لاءِ طريقيڪار تجويز ڪندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڪميٽي کي سيڪريٽريل خدمتون فراهم ڪندي.
وزيراعظم پاران عالمي معلومات ويب سائيٽ وڪي پيڊيا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا