اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان س??ود?? عرب ۽ ايران ??ي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب پاڪستان عوامي جمهوريه چين پاران س??ود?? عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران ??ي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي شاندار آجيان ڪري ٿو. بي??ن موجب پاڪستان کي پڪو يقين آهي ته اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ترجمان چيو ته اسان ان تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ڪردار کي ساراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ??ن مثبت اڳڀرائي تي س??ود?? عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت کي ساراهيون ٿا. بي??ن موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن ??ي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ۽ هم آهنگي جي ڪوششن جي تاريخ سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ۽ هم آهنگي جي لاءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.
پاڪستان پاران سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن