اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري ايراني صدر سيد ابراهيم ر??يسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي گهري صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صدر ابراهيم ر??يسي مسلمان امت جي اتحاد جو وڏو حامي هو، عالم اسلام هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر آصف علي زرد??ري ايراني صدر ابراهيم ر??يسي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ايراني صدر فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سميت عالمي سطح تي مسلمانن جي درد کي ??ل سان محسوس ڪندو هو، اڄ پ??ڪس??ان هڪ عظيم دوست کي وڃائڻ تي سوڳوار آهي. هن چيو ته گذريل مهيني اسان کي پ??ڪس??ان ۾ سندس ميزباني جو اعزاز حاصل ٿيو، اسان جي ڳالهه ٻولهه دوران مون کيس ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم ڏٺو، آغا رئيسي سدائين پ??ڪس??ان ۽ ان جي عوام کي خاص مقام ڏيندو هو، صدر رئيسي جو لاڏاڻو نه رڳو ايران پر پوري مسلمان امت جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته صدر رئيسي کي علائقائي ۽ اسلامي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوششن تي ايران پ??ڪس??ان ۽ اسلامي دنيا ۾ ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ سندس روح کي سڪون عطافرمائي، ناقابل تلافي نقصان جي هن گهڙيءَ ۾ ان جي گهرڀاتين ۽ ايران جي عوام کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي.
صدر آصف علي زرداري پاران ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي صدمي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ