اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي)اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ پشاور کان پوءِ هاڻي پرڏيهي وزارت گجرات ۽ ڪوئٽا ۾ به ڪوريئر ??مپ??ين ذريعي پوسٽل تصديقي خدمتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ڄاڻايل شهرن ۾ سروس جي شروعات اڄ کان ٿيندي، هن قدم جي هڪ حصي طور نامزد ڪوريئر ??مپ??يون درخواستون ڏيندڙن کان دستاويز جمع ڪري رهيون آهن جنهن کي بعد ۾ پرڏيهي وزارت مان تصديق ڪئي ويندي. گجرات م پوسٽل تصديق لاءِ دستاويز جمع ڪرڻ جي مجاز ڪوريئر ??مپ??ين ۾ ٽي سي ايس، ايم اينڊ پي، ليپرڊ ۽ اي سي ايس شامل آهن. اهڙي طرح ڪوئٽا ۾ ٽي سي ايس، گيريز، ايم اينڊ پي، ليپرڊ ۽ اي سي ايس دستاويز جمع ڪنديون. بيان موجب ڪوريئر ??مپ??يون پاور آف اٽارني کان علاوه سمورا دستاويز وصول ڪرڻ جون مجاز آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن