اسلام آباد-13 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي ته وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ وفاقي پارلياماني سيڪريٽرين جي ايوان ۾ لڳاتار غير حاضري تي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو ??يو آهي، اميد آهي ته جلد ئي وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي ايوان ۾ حاضري يقيني ??يندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ميمبرن پاران ٻيهر ايوان ۾ وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ وفاقي پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري جي حوالي سان شڪايت ڪئي وئي ته ڊپٽي اسپيڪر ايوان کي ٻڌايو ته رات قومي اسيمبلي پاران وزيراعظم کي خط لکيو ??يو آهي، اميد آهي ۽ وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي حاضري کي يقيني بڻايو ??يندو. شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ چيو ته چيئر جي رولنگ ۽ ناراضگي باوجود وفاقي وزير، مملڪتي وزير هتي موجود ناهن.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری