اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نئون سال ترقي ۽ خوشحالي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جو سال هوندو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري نئين سال تي پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز مان نڪرڻ جي ??اءِ يڪجهتي، نظم ۽ ضبط، مسلسل محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻو پو??دو. صدر نئين سال جي شروعات تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪندي چيو ته نئون سال پاڪستاني قوم جي ??اءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کڻي اچي. هن چيو ته پاڪستا?? جي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري انه?? جي صلاحيتن کي نکارڻ تي سيڙپڪاري ڪرڻي پو??دي، پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پو??دو، بحيثيت قوم گذريل سال جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر زور ڏنو ته اچو نئين سال جي شروعات تي عوامي خدمت، امن ۽ استحڪام جي ??اء?? محنت سان ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون، الله تعاليٰ آڏو دعا آهي ته نئون سال ملڪ جي ??اءِ ڪاميابين جو سال هجي.
صدر آصف علي زرداري پاران نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل