اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن، سوسائٽيز، رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترميمن، ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز ۽ خيبرپختونخواهه صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي انشورنس ٽر??يونل جا اضافي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ?? وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي??. و??اقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترم??من جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترم??من جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا موسمياتي تبديلي ۽ موسمياتي ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي سفارش تي ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا معزز پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي خيبرپختونخواهه صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي انشورنس ٽر??يونل جا اّتيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.
وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن، سوسائٽيز، رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترميمن، ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد