دوشنبي – 05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪندي علائقائي را??طن، واپار ۽ توانائي تي ڌيان ڏيندي معيشت، دفاع ۽ سلامتي، زراعت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا نوان موقعا ڳولڻ ت?? اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪو ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر ۾ آهي، هن تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ علائقائي را??طا وڌائڻ جي حوالي سان گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ حڪومتي ۽ علائقائي سطح تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت