اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي لاءِ رهنما اصول جوڙيندي ڪرپشن جي خاتمي، سادگي جي فروغ، بدعنواني کان پاڪ نظام، غيرضروري پروٽوڪول جي خاتمي، پٺتي پيل ۽ ڏورانهن ??لائقن جي ترقي، پٺتي پيل علائقن ۾ تعليمي نظام کي مضبوط ڪرڻ، ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن گ??يل بقاءَ جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ??ه پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو آهي ته سندن حڪومت ۽ عوام و??لا??يل ڪشمير جي عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي. هو پارليامينٽ جي گ??يل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جو خطاب نئين پارلياماني سال جو نقطه آغ??ز آهي. الله تعاليٰ ايندڙ ڏينهن کي اسان جي لاءِ رحمت ۽ برڪتن وارو بڻائي. هن چيو ته هنن ايوان ۽ لنگهن ??ان سڃاڻپ هن ??يوان جي ميمبر جي حيثيت سان ڪيترائي سال پراڻي آهي، مون تي جيڪي ذميواريون لاڳو ٿيون پئي انهن کي ادا ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏجي ويهي جيڪو ڪجهه ڪري سگهيس پئي مون پوري ايمانداري ۽ صلاحيت موجب انجام ڏنو آهي.
پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد