اسلام آباد – 05 فيبروري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي عظيم جدوجهد ۽ لازوا?? قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته هزارين شهادتون، سوين بي حرمتيون، سنگين ظلمن ۽ تمام گهڻين تڪليفن ??ي باوجود ڪشميرين جهڪڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڀارتي ظلم انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي ڪمزور نه ڪري سگهيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهداءِ ڪشمير حريت پسندي، اصول ۽ سچائي جا چمڪندڙ ??تارا آهن.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ