اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته قبضو ڪيل زمين کي آجو ڪرائڻ لاءِ قانون سختي سا?? لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻا??و وڃي. اها هدايت هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.
اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ ٻيلن جي زمينن جي حفاظت کي يقيني بڻائ?? رهي آهي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلي هن وقت پاڪستان سميت سڄي دنيا جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قبضي واري زمين کي آجي ڪرائڻ لاءِ قدم کڻ?? رهي آهي، ڪيڊسٽرل ميپنگ سا?? ڊيڊ ڪيپٽل جي نشاندهي ۽ ان جو بهتر استعمال ممڪن ٿي سگهندو.
اجلاس کي سي ڊي اي چيئرمين اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته سيڪٽرI-15 جي تڪميل هڪ سا?? جي ٿوري مدي ۾ يقيني بڻائي وئي، نئون پاڪستان هائوسنگ تحت فراش ٽائون ۽ ٻيا انفرااسٽرڪچر جا منصوبا به جلد مڪمل ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ٻيلن جي زمين جي رڪارڊ ڊجيٽلائيزيشن به تقريبن ممڪن ٿي چڪي آهي، اجلاس کي سرويئر جنرل طرفان ڪيڊسٽرل ميپنگ تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ لاهور سميت پوري ملڪ ۾ ڊجيٽل ميپنگ ۽ سرڪاري زمينن جي نشاندهي تي ڪم ??يزي سا?? جاري آهي، اجلاس ۾ اسپيشل/سائيٽ ڊولپمينٽ زون?? تي به بريفنگ ڏني وئي، سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته ڊولپمينٽ زونز پيري اربن سيٽلمنٽس کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، منصوبي سا?? زمين جو بهتر استعمال ۽ غير قانوني سوسائيٽين جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي.