اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) جي درخ??اس?? رد ڪندي بي??اهه کي پينشن جي ادائيگي جو حڪم برقرار رکندي ليسڪو کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي محتسب جي فيصلي موجب بي??اهه کي ان جي جائز پينشن جو پورو حصو ادا ڪيو وڃي. صدر حڪومتي پاليسي موجب الائونسز سان بي??اهه کي پينشن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته باقي پينشن تي حڪومتي پاليسي موجب ور جي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان اضافو به ادا ڪيو وڃي. اي??ان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪايت ڪندڙ مختيار بيگم جي مرحوم ور جيڪو ليسڪو ۾ ملازم هو اپريل 2005ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ ڊسمبر 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪايت ڪندڙ جي مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن باقاعدگي سان ڏني وئي پر گهٽ شرح تي ڏنيو ئي، شڪايت ڪندڙ چيو ته هو 21928 روپيا ماهور پينشن حاصل ڪري رهي آه?? جڏهن ته حڪومت پاران وقت به وقت ڪيل سمورين انڪريمينٽس کي شامل ڪندي ان کي 15 سالن کانپوءِ تقريبن ٻيڻو ٿيڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، وفاقي محتسب 09-03-2021 جي پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته اها ناانصافي آهي واپڊا پينشن ڊائريڪٽوريٽ حڪومتي پاليسي تي پوري طرح عمل ناهي ڪيو ۽ بي??اهه کي بحالي تي وڌايل گذريل اضافو ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته ڊائريڪٽر (پينشن) واپڊا پاڻ سمورن ڊسڪوز، جينڪوز اي?? ٽي ڊي سي کي SOP-2002 جي تحت پينشن جي بحال ٿيل حصي تي سمورن پينشنرز کي گزريل تاريخن کان اضافي جي اجازت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، وڌيڪ اهو ته متوفي پينشرز جي بي??اهن کي ان سهولت سان خاص طور تي روڪيو نه ويو، ان لاءِ ليسڪو پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان جي پاليسي موجب رٽائرڊ/فوت ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان پينشن جي بحال ٿيل حصي ۾ اضافي جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ڪموٽڊ حصي تي بحالي جي اجازت ڏني آهي. صدر مملڪت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته موجوده قانونن موجب دير سان اپيل داخل ڪرڻ جي پهلو کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، قانون موجب وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻي هوندي آهي، محتسب جي فيصلي جي خلاف دير سان اپيل داخل ڪرڻ تي ليسڪو جي درخ??اس?? رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ليسڪو جي درخواست رد
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا