اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عم??ن جي وچ ۾ واپار سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون، اها ڳالهه هن عم???? چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، عم??ن ۾ پاڪستان جو سفير ايمبيسڊر ڪي ڪي احسن وگن سميت پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسرن به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سلطنت عم??ن جي سلطان هيثم بن طارق السعيد جي قيادت کي ساراهيو، پرڏيهي وزير انجنيئر ريڌا جمعه محمد علي الصالح کي بطور چيئرمين ??و سي سي آءِ عم??ن مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ عم??ن جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، عرب ملڪن ۾ عم??ن نه رڳو جاگرافيائي طور تي پر ثقافت ۽ زبان جي لحاظ کان به پاڪستان جي ويجهو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستاني قيادت جو ويزن معاشي تحفظ جي چوڌري آهي، پاڪستان، جيو اڪنامڪ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پرڏيهي وزارت اقتصادي سيڙپڪاري جي ذريعي معاشي استحڪام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، 220 ملين ??ي آبادي تي ٻڌل معيشت هجڻ جي ناطي پاڪستان ٻاهرين ??يڙپڪاري لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۽ منافعو ڪمائڻ جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿو. ه?? چيو ته پاڪ عم??ن انويسٽمينٽ ڪمپني 2001ع ۾ سلطان قابوس جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اڄ به پاڪستان ۽ عم??ن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي بنيادي ٿنڀ جي طور تي ڪم ڪندي آهي. پرڏيهي وزير پاڪ عم??ن جوائنٽ بزنس ڪائونسل کي فعال بڻائڻ جي ضررو?? تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن جي سي سي جي جنرل سيڪريٽري نائف بن فلاح الحجراف سا?? گڏ اسان جي ملاقات تمام گهڻي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ هڪ گڏيل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻنهي چيمبرز جي وچ ۾ ڪاروباري شخصيتن جي اجلاسن جي انعقاد ۽ عم???? چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي پاڪستان ۾ واپاري نمائشن ۾ شرڪت جي ضرور?? تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان قومي ۽ علائقائي ترقي لاءِ شين ??ي سنگم تي پنهنجي جاگرافيائي اقتصادي بيهڪ مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، اسان پاڪستان ۽ عم??ن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ آن لائين ويزا سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، عم???? چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ عم??ن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي ماپي ۾ اضافي لاءِ عم???? چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس