اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ م??حده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪ??ان??ر محمد بن زيد کي ٽي??يفون ڪئي ۽ 17 جنوري 2022ع تي ابوظهبي ۾ شهري سهولتن جي مرڪز تي حوثي ويڙهاڪن جي ال??ناڪ دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ م??حده عرب امارات جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته اهڙن حملن جو ڪو به جواز نه آهي ۽ اهڙن حملن کي فوري روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ شديد خطرو آهن. وزيراعظم ان حملي جي متاثرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد محمد بن زيد وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جي اظهار تي ان جو ٿورو ادا ڪندي ان ال??ناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار