پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تا??يخ?? ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن لاءِ سالياني ترقياتي بجيٽ کي وڌ??ئي هلندڙ سال 54 ارب روپيا ڪيو، عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگ??ئي وڌي، حڪومت عام ماڻهو کي مهانگ??ئي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوب??ئي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير، خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير، صوب??ئي ڪابينا جا ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا عهديدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تا??يخ?? منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ضم ٿيل ضلعن جي سالياني ترقياتي بجيٽ کي 2018ع جي 24ا رب جي سطح کان وڌ??ئي هلندڙ سال 54 ارب روپيا ڪيو، هن چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگ??ئي ۾ اضافو ٿيو. حڪومت مهانگ??ئي جي اثرن کي ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري چڪي، جلد سياحتي ماڳن جي ترقي لاءِ منصوبا شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ، ضروري شين تي مست??ق خاندانن کي رعايت، تعليمي سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي فلاحي رياست جي قيام جي واعدي جي تڪميل جو سنگ ميل آهي. ملاقات ۾ حڪومت صوبي ۾ عوامي ڀل??ئي جي منصوبن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت تا??يخ?? منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، 20 ارب جي لاڳت سان منصوبي بجلي جي پهچ واري نظام ۾ جدت ۽ بهتري آڻيندو، صوب??ئي سطح تي سستي بجلي جي منصوبن ۽ گهٽ اگهن تي آف گرڊ فراهمي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستانت حريڪ انصاف جي گذريل حڪومتي دور وانگر ڏورانهن عائقن ۾ پن بجي جا ننڍا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، انهن منصوبن سان انهن ڏورانهن علائقن ۾ به سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي، جتي ٽرانسميشن لائن موجود نه آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چشمه رائٽ بئنڪ ڪنال جو منصوبو به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، منصوبي جي تڪميل سان لکين ايڪڙ زرعي زمين کي پو??ي جي قابل بڻ??ئي سگهجي ٿي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رشڪئي صنعتي زون مڪمل طور تي فعال ٿي چڪو آهي، حڪومت 6 وڏن صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ روزگار جي فراهمي ۽ ملڪي آءِ ٽي برآمدات وڌائڻ لاءِ خيبرپختونخوا ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ مست??ق خاندانن ۾ احساس راشن رعايت پروگرام جي ورهاست جو آغاز ٿي چڪو آهي، ڪارڊ تحت خيبرپختونخوا جا مسحتق خاندانن کي هر مهيني ضروري شين تي هڪ هزار روپين تائين جي رعايت ڏني ويندي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، اجلاس کي خيبرپختونخوا ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ شروع ڪيل منصوبن ۽ اهم شاهراهن ۽ رابطا رستن جي تعمير تي اڳڀر??ئي کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ترقياتي منصوبن جو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ يقيني بڻائڻ ۽ عوامي ڀل??ئي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea