اسڪردو – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بل??ستان جي پائيدار ترقي لاءِ معياري تعليم ۽ هنرمندي افرادي قوت اڻٽر آهي، پيشيوراڻي تربيت حاصل ڪرڻ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين لاءِ اهم آهي، شاگرد ڊجيٽل مهارت ۽ فري لانسنگ جي تربيت سان مالي خودمختياري جي خواب کي شرمنده تعبير ڪري سگهن ??ا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ونيورسٽيي آف بل??ستان جي پنجين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ڪامياب ٿيندڙ شاگردن، وا??دين ۽ استادن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گلگت بل??ستان جي قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ باصلاحيت ۽ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورت آهي، صرف هنرمند افرادي قوت جي ذريعي ئي معاشي انقلاب آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته مارڪيٽ کي تربيت يافته پروفيشنل خاص طور تي آءِ ٽي جي شع??ي ۾ هنرمند ماڻهن جي ضرروت آهي، 2030ع تائين دنيا کي سابئر سيڪيورٽي جي شع??ي ۾ 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت هوندي، هن چيو ته 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام جي گهرج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي يونيورسٽين کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري نوجوانن خاص طور تي عورتن لاءِ عالمي مارڪيٽ جا دروازا کلي ويا آهن، نوجوانن سميت عورتون گهر ويٺي آن لائين روزگار ڪمائي سگهن ??يون، صدر چيو ته اسلام ۾ عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، ان لاءِ عورتن شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اسڪلز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن سان هو پنهنجي گهر ۾ رهي آساني سان باعزت روزگار ڪمائي سگهن ??يون، هن شاگردن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪميونيڪيشن اسڪلز کي بهتر ڪن ته جئين هو ڊجيٽل ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي ذريعي موثر مارڪيٽنگ ڪري سگهن، هن چيو ته موسمياتي تبديلي خطي جي مستقبل لاءِ وڏو خطرو آهي ان لاءِ يونيورسٽين کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ماحول جي تحفظ ۽ ماحول دوست طريقن تي عملل ڪري موسيماتي تبديلي جي بحران ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت بل??ستان ۾ اچي سدائين خوشي ٿيندي آهي،هن علائقي وا??گر هتي جا ماڻهو به خوبصورت آهن جيڪي ملڪي ترقي، استحڪام ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن، هن چيو ته شاگردن کي سخت محنت ڪري تعليم حاصلڪ ئي آهي جيڪا انهن ??اءِ الله جي رحمت آهي، هن شآگردن تي زور ڏنو ته هو پنهنجا دماغ کليا رکن ۽ سڄي زندگي تعليم حاصل ڪرڻ جاري رکن. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ميڊلز به ورهايا.
گلگت بلتستان جي پائيدار ترقي لاءِ معياري تعليم ۽ هنرمندي افرادي قوت اڻٽر آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز