اسلام ??با?? – 21 – جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي ??زي?? احسن اقبال چيو آهي ته گري لسٽ مان نڪرڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي هوندي، انڊونيشيا کان کاڄرو تيل ??رآمد ڪيو پيو وڃي، جي ايس پي پلس سان ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، گذريل ??ڪومت جي غيرذميواراڻن فيصلن جي ڪري ملڪ کي نقصان پهتو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته فيٽف ۾ گري لسٽ مان وائيٽ لسٽ ۾ وڃڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي، گري لسٽ مان نڪرڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي هوندي، آرمي چيف جي نگراني ۾ هڪ سيل ٺاهيو ويو هو، آرمي چيف جي ڪوششن کي ساراهيو ويو. هن چيو ته پرڏيهي ??زي?? ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زي?? ڪابينا کي فيٽف تي بريفنگ ڏني، پاڪستان جو فيٽف وائيٽ لسٽ ۾ وڃڻ جو رستو هموار ٿي چڪو آهي، فيٽف جي حوالي سان فوج سميت سڀني بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته انڊونيشيا کان کاڄرو تيل ??رآمد ڪيو پيو وڃي، کاڄرو تيل ??ي حوالي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويو، انڊونيشيا ۾ کاڄرو تيل ??ا جهاز اچي رهيا آهن، صنعت واري وزارت جي پوري ٽيم کي ان ڪوشش تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ ۾ يوريا جي دستيابي جي حوالي سان بريف ڪيو ويو، ??زي??اعظم يوريا جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ??زي??اعظم شين جي دستيابي جي عمل جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، احسن اقبال چيو ته گذريل ??ور ۾ دوائن جي قيمتن ۾ هوشربا اضافو ٿيو، دوائن جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته جي ايس پي پلس جي حوالي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي، جي ايس پي پلس سان ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ سموريون وزارتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته گذريل ??ڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن تي عملدرآمد نه ڪيو، اسان سياست تي ملڪي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، ملڪ کي معاشي انتشار کا?? بچائڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا، ايندڙ سال ملڪي استحڪام جو آهي، (ن) ليگ جي گذريل ??ڪومت جي دور ۾ ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپيا هئي، گذريل ??ڪومت جي نااهلي سان اڄ ترقياتي بجيٽ اڌوري رهجي وئي آهي. هن چيو ته گذريل ??ڪومت غيرذميواراڻا فيصلا ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، اميد آهي تحريڪ انصاف جي ممنوعه فنڊنگ جو فيصلو جلد ٻڌايو ويندو، ممنوعه فنڊنگ آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، عمران خان جي رضامندي سان ممنوعه فنڊنگ هاصل ڪئي ويندي رهي، اميد آهي اليڪشن ڪميشن دٻاءُ کانسواءِ فيصلو ڏيندي. هن چيو ته عمران خان مرضي جا فيصلا وٺڻ جي لاءِ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان ملڪ ۾ انتشار، بدامني ۽ غيريقيني جي صورتحال پيدا ڪئي. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو عالمي منڊي سان واڳيل ??هي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير کي ان کي پورو حق ڏنو ويندو، عمران خان سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ کانسواءِ ت??قي نه ڪئي. هن چيو ته ??زي??اعظم شهباز شريف شين جي دستيابي جي عمل جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، گذريل ??ور ۾ دوائن جي قيمتن ۾ هوشربا اضافو ٿيو هو جنهن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جي ايس پي پلس سان ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، ان حوالي سان به ڪابينا ۾ بريفنگ ڏني وئي آهي. وفاقي ??زي?? چيو ته روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ سموريون وزارتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، ملڪ کي معاشي انتشار کا?? بچائڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن، ايندڙ سال ملڪي استحڪام جو آهي. احسن اقبال جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو عالمي منڊي سان واڳيل ??هي، کاڄرو تيل ??ي حوالي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو آهي، جنهن جا جهاز انڊونيشيا مان اچي رهيا آهن.
گري لسٽ مان نڪرڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي هوندي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری