اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ت?? 6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ ۽ قومي جرئت ۽ بهادري جو ڏينهن آهي، 6 سيپٽمبر تي دشمن ملڪ جي فوج عالمي س??حدن جي خلاف ورزي ڪندي آڌي رات جو پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو، پاڪ فوج ۽ بهادر عوام ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڀارتي فوج آڏو شيهي جي ديوار ثابت ٿي ۽ دشمن ملڪ جي سمورن ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. سينيٽ سيڪريٽري موجب پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي ت?? قوم جي نالي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهادر، جرئتمند ۽ مضبوط ترين فوجن ۾ شمار ٿئي ٿي جيڪا نه رڳو پنهنجي ملڪ جي عالمي دنيا جي امن مشن ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪي آهي. محمد صادق سنجراڻي چيو ته ??ور?? قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي جنهن دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ جو نه رڳو عزم ڪري رکيو آهي پر ان جي لاءِ ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشن شروع ڪري دهشتگردن کي تباهه ۽ برباد ڪيو، ملڪ جي امن ۽ سلامتي جيل اءِ بيشمار جوانن پنهنجي زندگين جا نذرانا پيش ڪيا جن کي ??ور?? قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ملڪ جي بهادر فوج نه رڳو ملڪي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو آهي پر هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي قوم جي ڀر??ور مدد ڪئي آهي، ماضي ۾ زلزلي ۽ برساتن ۽ تازن ڏينهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۾ پاڪ فوج جون امدادي س??گرميون بي مثال آهن جنهن جي لاءِ پاڪ فوج جي موجوده قيادت ۽ جوان خراج تحسين جا مستحق آهن، جهڙي طرح ??ور?? قوم ملڪي دفاع جي لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ آهي اهڙي طرح پاڪ فوج پنهنجي هم وطنن جي س??ائين هر مشڪل وقت ۾ ڀر??ور مدد ڪئي آهي.
6 سيپٽمبر دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جو ڏينهن آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج