اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي ايڊوائيس تي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ريڪوڊڪ پراجيڪٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان کان اڳ نا??ي واري وزير ۽ ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني پاڪستان (پرائيويٽ) لميٽيد جي شيئر هولڊرز جي سربراهي ۾ ايپڪس ڪمي??ي هن سال مارچ ۾ ريڪوڊڪ پراجيڪٽ جي حل ۽ بحالي جي لاءِ هڪ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو هو. وفاقي ڪابينا 30 سيپٽمبر تي پنهنجي اجلاس ۾ عوامي اهميت جي قانون جي ڪجهه سوالن جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. ان مان پهريون سوال اهو ه?? ته سپريم ڪورٽ جو پهريون فيصلو مولوي عبدالحق بلوچ نالي فيڊريشن آف پاڪستان ملڪي آئين، قانونن يا عوامي پاليسي وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت کي ريڪوڊڪ معاهدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ٿي يا ان جي صداقت تي اثرانداز ??ئي ٿي. ٻيو اه?? ته جيڪڏهن تجويز ڪيل غيرملڪي سيڙپڪاري (تحفظ ۽ فروغ) بل 2022ع لاڳو ڪيو وڃي ٿ?? ته ڇا اهو صحيح ۽ آئيني هوندو؟
صدر پاران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ريڪوڊڪ پراجيڪٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي سمري منظور
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ