اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آ??ي، ته پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان ??نهنجي موقف تي هميشه قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو، قومون پنهنجي تهوار هميشه هڪ خاص مقصد تحت ملهائينديون آهن ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ صديون ڪوشش ڪنديون آهن، ضروري ناهي ته فوري طور تي منزل ملي وڃي، ان ??اءِ بيشمار قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، پاڪستان سان ڀارت جي مخالفت اها ئي آهي ته انهن ڪڏهن به پاڪستان جي وجود کي تسليم ناهي ڪيو، انهن جي دلين ۾ شروع کان ئي نفرت جي باهه ٻري رهي آ??ي، پوءِ اهو ڪرڪيٽ جو ميدان ئي ڇو نه هجي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ ”ڪشمير هندوستان متوقع الحاق“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ??ميشه ڪشميرين جي موقف کي تسليم ڪيو آ??ي، جڏهن ته ڪڏهن به ان کي ڪشمير جو مسئلو ناهي سمجهيو، بلڪه پاڪستان جو مسئلو سمجهيو آ??ي، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڪير به اقتدار تي ويٺل هجي، ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف هميشه ساڳيو ئي رهيو آ??ي، ڀارت هميشه ظلم، ڏاڍ ۽ مختلف هٿ ڪنڊن سان ڪشمير جي جاگرافيائي حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اڄ به ڀارت جي اها پاليسي رهي آهي ته ڪشمير کي عالمي منظر تان ??ٽايو وڃي جنهن ڪري هو شهريت ۽ ڊوميسائيل جي قانونن ۾ تبديليون ڪري رهي?? آهي. صحافي ارشد شريف بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت سڀني معاملن تي گهري نظر رکي آ??ي، ان ??وقعي تي تقريب کي صدر ڪشمير يوٿ الائنس طاهر مجاهد به خطاب ڪيو.
پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي هميشه کان قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو: قمر الزمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará