استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪ??ري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان وطن واپسي جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ترڪيءَ ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن ۽ ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. ٻن ڏينهن جي سرڪ??ري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??در رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي چار ??لج?? ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين سان ملاقات، پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب، اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي ??در سان ملاقات پڻ ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha