اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ملڪ لاءِ خدمتن ۽ قربانين تي ا??هن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن کي ٽيليفون ڪري ا??هن سان افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 28 اپريل تي لڪي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي فرض سان محبت ۽ وطن سان محبت تي ا??هن کي سلام پيش ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب