جده -12 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب کي انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگ??ائ??زيشن جي اعليٰ ڪميٽين مان هڪ جو صدر چونڊيو ويو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق علائقائي ۽ عالمي سطح تي هوا بازي جي صنعت کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي عرب جي ڪوش??ن سال 24-2023ع لاءِ انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگ??ائ??زيشن (ايڪاو) جي ايوي اي??ن سيڪيورٽي ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. ڊاڪٽر بدر بن صالح الصقري 24-2023ع لاءِ ايوي اي??ن سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ سعودي عرب جي نمائندي ط??ر ڪم ڪندو، ان ڳالهه جو اعلان مونٽريال، ڪينيڊا ۾ ايڪاو جي ڪائونسل جي 229هين سيشن دوران ڪيو ويو. ان قدم سان سعودي عرب پاليسين، اسٽريٽجڪ ۽ منصوبابندي جي سرگرمين بابت سفارشون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. عالمي سول ايوي ايشن آرگ??ائ??زيشن 193 ملڪن تي ٻڌل، گڏيل قومن جي خصوصي ايجنسين مان هڪ آهي. ان جو مقصد سول ايوي ايشن جي شعبي ۾ ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ هم اهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان شعبي کي منظم ڪرڻ لاءِ معيار، فريم ورڪ ۽ پاليسيون مرتب ڪرڻ آهي. تنظيم ۾ ايوي اي??ن سيڪيورٽي ڪميٽي جي اهم ترين ڪمن مان پاليسيون، اسٽريٽجڪ سمتن ۽ ترجيحن جي باري ۾ ڪائونسل کي پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ ۽ ايوي اي??ن سيڪيورٽي سان لاڳاپيل سرگرمين جي منصوبه بندي ڪرڻ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ عالمي معيار ۽ سلامتي جي سفارشن تي مشاورت جي پيشڪش، عالمي شهري هوابازي لاءِ اڀرندڙ خطرن جو اندازو لڳائڻ ۽ صنعت کي غيرقانوني مداخلت کان بچائڻ لاءِ ضروري ق??من تي عملدرآمد ڪرڻ به شامل آهي. واضح رهي ته سعودي عرب 1962ع کان تنظيم جو ميمبر آهي، ان 1980ع ۾ پنهنجو مستقل وفد قائم ڪيو ۽ 1986ع کان اڄ تائين تنظيم جي ڪائونسل جو ميمبر آهي.
سعودي عرب هوازبازي جي عالمي تنظيم واري سيڪيورٽي ڪميٽي جو صدر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار