والاريل بيت المقدس-08 ڊسمبر (اي پي پي) فلسطين آرٽيڪل 99 جي حوالي سان گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي قدمن جي آجيان ڪندي ان کي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو. العربيه اردو موجب فلسطيني پرڏيهي وزارت گڏي?? قومن ج?? خلاف اسرائيل طرفان ڪيل سياسي دهشتگردي جي مذمت ڪ??ي ۽ سلامتي ڪائونسل سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل باضابطه طور تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. 2017ع ۾ گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل جي طور تي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏي?? قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪيو آهي، هي آرٽيڪل گڏي?? قومن جي اڳواڻ کي ڪنهن به اهڙي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ موڪلڻ جي اجازت ڏي ٿو جنهن سان ان جي خيال ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو هجي. ٻئي پاسي يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي اهلڪار جوزپ بوريل به ان معاملي تي گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ڪ??ي آهي.
غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا: فلسطيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا