انقره – 29 فيبروري (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ان جو ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي ڪندڙ طور ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. رشيا ٽو ڊي مطابق روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف جي ترڪي جي دوري ۽ انطاليا ڊپلوميسي ??ور?? جي موقعي تي هن چيو ته يوڪرين جنگ جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي موقعو ڏ??ڻ گهرجي. هن چيو ته ان مقصد کي ح??صل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن رستي سان اعليٰ ترين سطح تي سفارتي ذريعن جو استعمال تمام اهم آهي. البانيا ۾ يوڪرين- ڏکڻ اوڀر يورپ سربراهي اجلاس جي ويڊيو پيغام ۾ ترڪ صدر چيو ته روس ۽ يوڪرين کي هڪ ٻئي ويجه?? آڻڻ ۽ پرامن ڳالهين جون ڪوششون ناڪافي آهن. هن يوڪرين جي آزادي، خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو ۽ چيو ته هو يوڪرين جي صدر جي 10 نڪاتي امن فارمولي جي اصولي طور تي حمايت ڪري ٿو.
ترڪ صدر جي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری