تهران -28 آڪٽوبر (اي پي پي ) ايران گڏيل قومن جي سل??مت?? ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن اڳ مٿس اسرائيل پاران ڪيل بمباري ۽ حملن جي مذمت ڪئي وڃي.پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل نالي خط ۾ فوري طور تي سل??مت?? ڪائونسل جو اجلاس سڏائن تي زور ڀريو . هن اهو به مطالبو ڪيو ته سل??مت?? ڪائونسل اسرائيل جي جارحيت خلاف هڪ فيصلي جوڳي پوزيشن وٺندي ان حملي جي مذمت ڪري. عباس عراقچي لکيو آهي ته اسرائيل پاران وڌيڪ فائر ڪيل ميزائل ايران جي دفاعي نظام روڪي ڇڏيا جڏهن ته حملي جي نتيجي ۾ هدف ٺاهيل هنڌن کي نقصان ۽ 4 سپاهي شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته اسرائيل جو حملو ايران جي خودمختياري ۽ سل??مت?? جي کليل خلاف ورزي هئي جنهن ??اءِ هو پوري طرح حق رکي ٿو اسرائيل جي جارهيت جو ڏئي واضح رهي ته ڇنڇر واري ڏينهن اسرائيل ايران جي فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو هيو.
سلامتي ڪائونسل ايران تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪري: ايران
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون