ٽورنٽو – 4 نومبر (اي پيپي ) ڪينڊا جي وزيراعظم ٽورنٽو ويجهو هندو م??در ۾ ٿيل تشدد ج?? واقعي جي مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو آ??ي. ??رڏيهي ميڊيا مطابق ٽورنٽو جي علائقي بريمپٽن ۾ هندو سڀا م??در ۾ چڪريون ٿيون جنهن جو الزام ڪجهه سک ڪارڪنن تي لڳايو ويو آهي. بريمپٽن ٽورنٽو جي اتر اولهه ۾ اٽڪل 50 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي ت?? واقع آ??ي. ??قامي پوليس جو چوڻ آهي ته هندو سڀا م??در ٻاهران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ريجنل پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي. ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا م??در ۾ تشدد جون ڪاروائيون قبول ڪرڻ جوڳيون نه آهن. ڪينيڊا جي هر شهري کي آزادي ۽ تحفظ سان پنهنجي عقيدي تي عمل پيرا ٿيڻ جو حق آ??ي. ??برل پارٽي جي هڪ ميمبر چ??در آريا ان وقعي جو الزام خالصتانين تي لڳايو آ??ي. ??ن ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ڪينڊا جي خالصتاني انتهاپسندن ريڊ لائن پار ڪري ڇڏي آ??ي. ??ن چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا جي اڱڻ ۾ هندو ڪينڊين عقيدت مندن تي خالصتانين جو حملو ظاهر ڪري ٿو ته ڪينيڊا ۾ خالصتاني پرتشدد انتها پسندي ڪيتري وڌي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ ويڊيو ۾ خالصتان جا ڦڪي رنگ جا جهنڊا ڏيکاريا ويا آهن، واضح رهي ته خالصتان هڪ عليحدگي پسند تحريڪ آهي، جيڪا سکن لاءِ هڪ الڳ رياست جو مطالبو ڪري ٿي، ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ناتا هن وقت ڇڪتاڻ اختيار ڪري ويا آهن. جڏهن ته اوٽاوا ڀارتي حڪومت تي 2023ع ۾ 45 ورهين جي ڪينيڊا جي شهري هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي رٿابندي جو الزام لڳايو، جيڪو خالصتان تحريڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. هرديپ سنگهه نجر جي قتل کان علاوه ڪينيڊا ڀارت تي اهو به الزام لڳايو آهي، ته اهو سندن ڌرتي تي سکن کي نشانو بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي مهم هلائي رهيو آهي.
ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ تشدد جو واقعو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي: ڪينڊا جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک