اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين ح??يقتن ۽ سچائي تي ٻڌل آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ هر موڙ تي يوٽرن ورتو ۽ موقف بدلايو، سندس موقف بدنيتي، ڪوڙ، ۽ الزام تي آهي جنهن کي هو هر وقت بدلائيندا رهن ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته قوم اسان جي مخالف پي ٽي آءِ اي جو رڪارڊ ڏسي ته هرموقف تي يوٽرن، هر هف??ي موقف تبديل ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ الزام هڻڻ ان جي لاءِ آسان آهي ڇو ته سندن موقف ڪمزور هو جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جو شروع کان هڪ ئي موقف هو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته ??يڪ??هن ڪميشن ??ه ٺهي ته بائيڪاٽ ڪنداسين، اڄ سندن چوڻ آهي ته ??يڪ??هن ڪميشن ٺهي ته بائيڪاٽ ڪنداسين. هن چيو ته ڪميشن ٺاهڻ جو موقف پي ٽي آءِ پاڻ سپريم ڪورٽ کڻي وئي ۽ چيو هو ته ??يڪ??هن ڪميشن ??ه ٺهي ته اسان لاڪ ڊائون ۽ ڌرڻو هڻنداسين ۽ اڄ اها ئي پي ٽي آءِ چئي رهي آهي ته ڪميشن ٺهي ته اسان بائيڪاٽ ڪنداسين اهو ڪهڙي قسم جو قوم سان مذاق آهي.
مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين سچائي تي ٻڌل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha